ارشاد مستوئي

ارشاد مستوئي

ارشاد مستوئي

ارشاد مستوئي: مشھور صحافي ارشاد مستوئي 14 اپريل 1977ع تي بلوچستان جي علائقي علي آباد، تعلقي تمبو، ضلعي نصير آباد ۾ مير حاجي خان مستوئي جي گهر ۾ ڄائو. هن جي ڄمڻ کان هڪ سال بعد سندس والد هجرت ڪري جيڪب آباد ۾ اچي رهيو. هن جو خاندان شروع کان ئي کاٻي ڌر جي سياست سان وابسته رهيو، جنھن جو مٿس گهڻو اثر هو. هن پنھنجي فڪري جدوجھد جو آغاز ننڍي عمر ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي رڪن ٿيڻ سان ڪيو. ستن سالن جي عمر ۾ ڪوئيٽا ۾ يوم مئي جي حوالي سان مير غوث بخش بزنجو جي صدارت ۾ منعقد هڪ جلسي ۾ فيض احمد فيض جو مشھور نظم ”هم محنت ڪش جگ والون سي جب اپنا حصا مانگين گي“ پڙهيو. ان کانپوءِ 9 سالن جي عمر ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ”بچي اور هماري اديب“ جي عنوان سان تقرير ڪئي، جنھن تي تقريب جي صدر شيخ اياز اسٽيج تي اچي کيس چُمي ڏني. هن جيڪب آباد مان ماهوار رسالو ’منزل‘ ڪڍيو. بلوچستان يونيورسٽيءَ مان بي فارميسي ڪري 2003ع ۾ ’روزنامه بلوچستان نيوز‘ ۾ پروف ريڊر ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ’روزاني مشرق‘ جي ادبي صفحي جو انچارج ۽ سنڌي اخبار ’هلچل‘ جو ڪوئيٽا ۾ بيورو چيف به رهيو. سرائڪي چئنل ’روهي‘ لاءِ پڻ ڪم ڪيو. هي ’آن لائين انٽرنيشنل نيوز نيٽ ورڪ‘ جو بيورو چيف ٿيو. 2013ع ۾ ARY نيوز سان لاڳاپيل رهيو. ارشاد مستوئي 2014ع ۾ ’بلوچستان يونين آف جرنلسٽس‘ لاءِ صوبائي سيڪريٽري منتخب ٿيو. 28 آگسٽ 2014ع تي ڪبير بلڊنگ ڪوئيٽا ۾ موجود پنھنجي آفيس ۾ ڪم دوران کيس گولين جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. هن کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي. هن جو نالو عالمي صحافتي اداري ’نيوزيم‘ جي فھرست ۾ شامل آهي. سندس هڪ ڪتاب ”بلوچستان تنازعات اور قومي صحافت“ 2016ع ۾ شايع ٿيو. 14 آگسٽ 2022ع تي کيس حڪومت پاڪستان طرفان ’تمغهء امتياز‘ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو


لفظ ارشاد مستوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.04.14  عيسوي

مشھور صحافي ارشاد مستوئي 14 اپريل 1977ع تي بلوچستان جي علائقي علي آباد، تعلقي تمبو، ضلعي نصير آباد ۾ مير حاجي خان مستوئي جي گهر ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوست علي جيسر
پنهيار علي بخش اصغر
صديقي الهورايو طارق
توفيق علي منگي
اي بي راجپوت
برڪاتي مسعود احمد
اسلم خواجا
اسلم چنا
اعجاز عليم عقيلي
اخترعلي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون